Wednesday 10 May 2017

ڪراچي جو اڀياسي دورو.

ڪراچي جو اڀياسي دورو.
ممتاز جمالي
2k14/mc/159


منهنجي داخلا جيئن ئي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيش اسٽيڊيز شعبي ۾ ٿي ته مائٽن سان گڏ دوست به ٽوڪڻ لڳا ته هاڻي ڇا تون اخبارون کپائيندي ...!!!
 مون چيو  نه صحافي ٿيندس
هنن ورڻائي چيو صحافي ته 10 درجه پاس به آهن پوءِ تنهنجي يونيورسٽي پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو...!!!!


ڳالهه هنن جي به وزني هئي ، ۽ پنهنجي جاءِ تي مان به صحيح هئس پر هنن کي سمجهائيڻ لاءِ ان وقت مون وٽ نه ئي ڪي مثال هئا نه ئي ڪي تشريع، مونکي هڪ سٺو صحافي ٿيڻ جو جنون هيو، بس جنون جي اڳيان مان به پنهنجا ڳوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ نه چاهيندي به قست جهڙي ڪوڙي عمل تي يقين ڪيو.
 هڪ سال سڄو ائين ئي ڪلاس وٺندي گذريو ڪا خبر ئي نه پئي، ڪمپلسري کان مائنر وري ميجر ڪلاسيز تائين جو سفر سال ڳڙڪائي ويو، ٻئين سال ۾ مون عملي صحافت جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن مون 3 مهينا عملي صحافت کي ڏنا ته واقعي مونکي منهنجو شعبو فضول لڳو. ڇو جو جيڪا صحافت اتي ڪبي هئي اها اسان جي شعبي ۾ نه پيا سيکارن يا جيڪي ٽيڪنيڪل ڪم اتي ٿين پيا اهي بنيادي تور اسان جي شعبي ۾ نه پيا ٿين.


پر جڏهن کان سائين بدر اسان جي شعبي جون واڳون سنڀاليون تنهن ڏينهن کان مونکي فيلڊ ۾ گهٽ مزو ۽ پنهنجي شعبي ۾ گهڻو اچڻ لڳو.
اسٽوڊيو ۾ رونق ، روز نوان سيمينار ڪرائڻ سميت ٻيو گهڻو ڪجهه سائين پنهنجي ڪاوشن تحت ڪندو رهيو، نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو ته سائين اعلان ڪيو ته هاڻي اوهان جو اڀياسي دورو ٿا ڪرايو سنڌ اسيمبلي جو.
يقينن خوشي منجهان پير زمين کان 4 فوٽ مٿي هلي ويا ۽ چرين جيان تپي مٿان ٽپو ڏيڻ  لڳس، ڇو جو اسان سنڌ اسيمببلي صرف ٽي وي تي ڏٺي ، اخبارن ۾ پڙهي ۽ ريڊئي تي ٻڌي.


مادري علمي درسگاهه سنڌ جي شعبي ابلاغ عامه پاران جي آخري سال جي شاگردن جو اڀياسي دورو ڪرايو ويو، سومر واري ڏهاڙي تي منعقد ڪرايل اڀياسي دوري ۾ مجموعي تور تي 111 شاگردن حصو ورتو جنهن ۾ ايم اي فائنل ۽ بي ايس جا شاگرد شامل هئا. جنهن ۾ مان به هئيس، يقينن مون وانگي هر شاگرد پنهنجي وس آهر سنبري تيار ٿي آيو ته جيئن هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻا ۽ سٺا لڳون. اسان ٻين بسن جي ذريعي هتان نڪتاسين هڪڙي ۾ ايم اي فائينل جا شاگرد هڪڙي ۾ اسان بي ايس جا شاگرد..


سڄي واٽ موج مستي ۾ گذريو ۽ خوشي ۾ خبر ئي نه پئي ته اسان ڪراچي جي آڳور تي پهچي وياسين، سنڌ اسيمبلي طرف ٿورو پيادل هلڻو پيو ڇو جو اتي بس بهارڻ جي جاءِ نه هئي. يقين نه هيو ته هيڏي سيڪيورٽي خدشن با وجود اسان کي اندر ايتري آساني سان ڇڏيندا هنن صرف اسان کان ڪارڊ ورتا ۽ ڏٺآ ۽ مسڪرائيندي اسان کي پنهنجن وانگر آڌر ڀاءُ ڪيو.
سنڌ اسيمبلي جتي 164 جي لڳ ڀڳ سموري سنڌ مان چونڊيل نمائيندا اچي پنهنجي تڪ جي مسئلن تي ڳالهائيندا آهن، يقينن اها اسيمبلي جيتري اسڪرين ۾ خوبصورت لڳندي هئي اها روبرو به اکين جي ٺار بڻيل هئي. روايتي چيڪينگ بعد اسان کي وڃي گيسٽ گيلري ۾ وهاريو ويو جتي اسان سنڌ اسيمبلي جو پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاروائي روبرو پنهنجي اکين آڏو هلندي ڏٺي. اهو ئي نه اتي صحافين سان به ملاقات ٿي جيڪي اتي ويهي رپورٽينگ ڪن پيا.
سنڌ اسيمبلي ۾ نه فقت اسان کي صحافتي حوالي سان سکڻ ڪاءِ ڪجهه مليو پر ڏسڻ وٽان به گهڻو ڪجهه مليو..


سنڌ اسيمبلي بعد اسان کي پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي جو رخ ڪرايو ويو جتي روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر ۽ پاڪستان آرت ڪائونسل ڪراچي جي گورنينگ باڊي جي ميمبر آيوب شيخ تمام ذبردست آجياڻو ڏنو ۽ اسان جي مان ۾ تقريب پڻ ڪوٺائي. ۽ اسان جي لاءِ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
ڪراچي آرٽ ڪائونس ۾ مخلتف تقريرون ٻڌڻ وٽان مليون جنهن ۾ آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي سربراهه محمد احمد شاهه پڻ شعبي جي شاگردن جي ساراهه ڪئي.
آرٽ ڪائونسل بعد ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن رخ ڪيو، اگر ڏسجي ته ڪراچي هاڻي اها ڪراچي نه رهي جيڪا ڪجهه سال هريان هئي جيتي ماڻهو خوف منجها ساهه کڻندو هو.


ڪراچي پريس ڪلب ۾ به اسان جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جتي سينيئر اينڪر پرسن مظهر خان سميت پريس ڪلب جي صدر جنرل سيڪٽري سميت ٻين اسان کي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ صحافت جي حوالي سان گهڻو ڪجهه سمجهايو پڻ آهي.
شاگردن جي پراسرار خواهش تي سنڌ ٽي وي جو اچانڪ دورو پڻ ڪرايو ويو. مون لاءِ سنڌ ٽي وي جي آفيس جو دورو ان لاءِ به خوشي جوڳو هو جو منهنجا پرين پيارا دوست ڪم ڪن پيا جنهن سان ملڻ لاءِ پڻ دل بيتاب هئي، اتي وڃي ڪري اسان سنڌ ٽي وي جي آفيس جو جائزو ورتو ۽ دورو ڪيو جتي اسان اسٽوڊيو، ايڊيٽينگ سيڪشن، سميت ٻيو به گهڻو ڪجهه پهريون ڀيرو ڏٺو.
هن اڀياسي دوري ۾ نه فقت اسان لطف اندوز ٿياسين پر  سيکڻ پڻ ڏاڍڳ ڪجهه مليو.

Sunday 9 April 2017

سنڌ اسيمبلي جو پهريون سفر

سنڌ اسيمبلي جو پهريون سفر

ممتاز جمالي
2k14/mc/159

ننڍپڻ کان اها خواهش هئي ته سنڌ اسيمبلي ۾ وڃي اتي عوام جا مسئلا حل ڪيان، وڏيون وڏيون تقريرون ڪيان وغيره وغيره،  پر جئين جئين سمجهه ۾ اضافو ٿيندو ويو ته خواهشن جو به سمجهه اچي ويو ته ڪهڙيون خواهشون پوريون ٿي سگهن ٿيون ڪهڙيون نه، پر ها اها خواهش اڃان به آهي پر کين پوري ٿيڻ ڏور ڏور تائين ڏسڻ ۾ نٿي اچي، پر چوندا آهن نه ته حج نه پر عمره ته ماڻهو ڪري اچي نه ائين منهنجي  شعبي پاران ڪراچي جو اڀياسي دورو ڪرايو ويو.
15 مارچ 2017 تي ڪرايل اڀياسي دوري جي پهرين منزيل هئي سنڌ اسيمبلي جتي اسان کي وڃڻو هو، يونيورسٽي واري زندگي ۽  موج مستي نه هجي اهو به ممڪن نه ناهي، سنڌ ورسٽي جي نيري پوائنٽ مون سان گڏ منهنجي ڪلاس جا  صفا ويجها دوست راجيش، ذولفقار، نجيب به ساڻ هئا.
 پر ان سان گڏو گڏ اسان جو رهبر استاد سهيل سانگي پڻ اتي موجود هو جيڪو هڪ خوش مزاج طبيت جو سرواڻ آهي.
کيل ڀوڳ مزاڪ مستي ناچ گانه ۾ سفر انتهائي پر سڪون وارو گذريو، پر ڪراچي ڄامشوري روڊ جي مرمتي ڪم جي حساب سان ڪافي وچ وچ ۾ ڏکياون پڻ درپيش آيون پر چوندا آهن  نه ته ” شوق دا ڪو ملهه نئي“  ائين اسان کي به سنڌ اسيمبلي ڏسڻي هئي سو اهي ڏکيائون نظر ۾ ئي ڪون آيون.
منجهد ڌاري 1لڳي ڪجهه منٽن تي اتي وڃي رسياسين. ڪراچي جو پر سڪون ماحول، ٿڌڙيون هوائون ۽ جهڙالي موسم 
جوڀن پيو پڄرائي.


نيٺ وڃي سنڌ اسيمبلي ڏانهنن روانه ٿياسين، گيٽ تي سيڪيورٽي سخت هئي سو اسان وٽ داخلا پاس پڻ هئا، قطار ۾ بيهي ڪري واري واري هڪ هڪ جي چيڪينگ ٿيندي رهي ۽ اندر ويندا رهياسين، ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن اتان جي عملدارن اسان ڱي پيار سان آڌر ڀائو ڪيو ۽ غزت بخشي.
چيڪينگ بعد وڃي اندر داخل عياسين پر سيڪيورٽي خدشن هجڻ جي ڪري اسان ڪيمرا وارن کي روڪيو ويو جنهن ۾ اسين 6 کان مٿي شاگرد هئا سين، جڏهن ته ڪيمرائون انهن پاڻ وٽ جمع ڪرائي اسان کي اندر موڪليو.
بيلڊينگ جو نقشو اهڙو ته ٺهيل هو ته اسان اسيمبلي حال جي پريس گيلري ۾ نه پيا وڃو سگهو ائين محسوس ٿي رهو هو جيئن ڪو ڳوٺاڻون ڪراچي جي رولاڪ گهٽين ۾ گم ٿي ويو هجي.
نيٺ ڪنهن جي رهنمائي سان اتي وڃي پريس گيلري ۾ ويٺا هئاسين. پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسيمبلي جي ڪاروائي روبرو ڏٺي. خوشي ماپي نه پئي ته، ڪافي سيلفيون به ڪڍرايون.
اسيمبلي جي ڪاروائي ڪافي مزيدار هئي، چونڊيل نمائيندا تڪ جي مسئلن بجاءِ پاڻ ۾ وتايو فقير پروگرام لڳائي ويٺا هئا، اهو لڪا ڏسي افسوس به ٿيو ته اهي ئي حڪمران جيڪي اسان جي ڳوٺن ۾ اچي وڏا واعده ته ڪن ٿا پر هتي اچي رنگ پنهنجو تبديل ڪري ڇڏن ٿا.
ڪاروائي جي ختم ٿيڻ بعد ٻاهر آياسين ته شاگردن ڏاڪڙ تي ايتري رش لڳائي ويٺا هئا ڄڻ سنڌ پوليس ڪو وڇو ڏوهاري پڪتو هجي ، هر طرف تصويرن جا ٽڙڪا لڳا پيا هئا.

ٻاهر نڪري اسان وري ٻي منزل ڏانهن روانهه ٿياسين پر سنڌ اسيمبلي اسان لاءِ تمام اڀياسي رهي، هتي وڃي ڪري اسان نه فقت رپورٽينگ سکي پر پنهنجي حڪمرانن جا حوال به ٻڌا.

Monday 20 February 2017

Future OF Mass Media Students

مان ماس ڪام پاس آئوٽ آهيان يار....
ممتا جمالي
جيئن ئي مون ماس ڪميونيڪيش مان ڊگري حاصل ڪئي ايترو ته خوش ٿيس جو خوشي جي ڪا حد نه هئي، خوشي ڊگري حاصل ڪرڻ جي نه هئي پر خوش مونکي انهي ڳالهه جي هئي ته هاڻي مان صحافي ٿيڻ جي قابل آهيان، من ۾ ڪئي اميدون هيون ۽ هڪڙي باهه جيان ڀڙڪندڙ اندر ۾ ڪجهه ٻيو به هيو اهو اهيو ته مان صحافي ٿي سڀبي صحافين جي بتي 
گول ڪندس جنهن وٽ ماس ڪام جي ڊگري ناهي، منهنجي لئي هوندي. مان سڀني جا مسئلا ڪندس.

ماس ڪيونيڪش پاس آئوٽ شاگردن جي اها حالت آهي


 خير مان ڊگري وٺي هڪڙي چينل جي سڌو آفيس ويس، گارڊ بهاريو ۽ اڙدو ۾ چوڻ لڳو “ڪيڌر جارها هه” حيرت مونکي به ٿوري ٿي ڇو جو آفيس ته ڪنهن سنڌي چينل جي هئي. پر مونکي به هجي روب سفا ڳوٺاڻي طبيت مان به چئي ڏنومانس. “تيري ڪو نهين پتا مين ماس ڪام ڪا هون” هن ماس ڪام ٻڌي مونکي ڇڏي ڏنو ماس ڪام جو هجڻ جو پهريون ڀيرو فخر محسوس ٿيڻ لڳو ته ڪيڏو نه ماس ڪام جو داٻو آهي، خير مان وڃي اندر ريسيپشن  واري کي چيو ته مونکي ڊائريڪٽر صاحب سان ضروري ملڻون  آهي، هن به اڙدو ۾ ئي چيو” ڪيون ڪوئي ڪام هه ڪيا اور آڦ ڪون ڪهان سي آءِ هو“ مان سڄي سوال جو جواب هڪڙي سيٽ ۾ ڏنو ته تم مجهي ڇوڙو، ضروري ڪام هه  مان ماس ڪام جو آهيان. هن خوبصورت ڇوڪري جيڪا خود مونکي گهڙي پل لاءِ وڻي وئي هئي هن مسڪراءِ چيو”بيٺو يهان”. نيٺ ڏيڍ ڪلاڪ بعد هن مائي چيو ته وڃون اندر سر جي آفيس ۾، وڃڻ سان ئي ڊائريڪٽر  سان مليوس،  ڊاريڪٽر حال حوال ورتا مان به چئي ڏنومانس سر مونکي ٽنڊو جمو خان جو رپورٽر رکو مان ماس ڪام مان پاس آئوٽ  آهيان. ڊائريڪٽر چيو تجربو گهڻو اٿئي.  مان به حيران ٿي ويس ته ايترو جو ٻڌايو مانس ته  ماس ڪام مان پاس آئوٽ آهيان پوءِ به تجربو ٿو پڇي..!!!
 نيٺ وري مون هن کي چيو ته سائين مون ماس ڪام مان 4 سال جي بيچلرس ڪئي آهي اهي چار سال  تجربو سمجهو, پر ڊائريڪٽر ماس ڪام کي تجربو سمجهي ئي نه پيو
ڪافي ارثي سوچڻ بعد نيٺ مجبور ٿي تجربي خاطر پريس ڪلب جوائن ڪيم پر هتي به ساڳي حالت،پريس ڪلب صدر ڇيو ته  نئون آهين اينٽري  تنهنجي فلحال نه ٿيندي هتي ڪجهه رولس ريگوليشن آهن مون رڙ ڪري چيو سر مان ماس ڪام جو پا آئوٽ آهيان يار پر هن ڳالهه بڌي اڻ بڌي ڪري ڇڏي
مان چيو سائين مان ته ماس ڪيونيڪشن ڪئي آهي ڪجهه ته رحم ڪيو اتي جيڪي 4 سال پڙهيم اهو به ته تجربو آهي نه، پر  هنن سينئر صحافين کي منهنجا 4 سال شايد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه لڀي

ڪو رستو نه بچيو هو گهر وارن جي به ٽينشن ۽ تانا ته 4 سال اگر ٻني ڪرين ها ته ان جا وڏا پلا ٺاهين ها
تانن ميهڻ ۽ بروزگاري کان مجبور ٿي  تجربي خاطر حاجي ولو سان وڃي مليوم جيڪو اسان جي ڳوٺ ۾ صحافت ڪندو هو دڪان هن جي پريس ڪلب هئي، ولو وٽ هڪڙي رول واري ڪيمرا هئي جيڪا سيل تي هلندي هئي هن مونکي چيو ته ڪو مسئلو ناهي تون اڄ کان بعد منهنجو اسيسٽينٽ ٿي ڪم ڪجان تجربو ٿي ويندو







مهينو هلي خبر پئي ته ولو ميان ته صحافت کي ڪاروبار ڪري ويٺو آهي غريب جي مري وڃڻ جي خبر جا به پئسا پيو وٺي ۽ مونکي اها ڪيمرا ڏئي ڪيمرامين مقرر ڪيو ڪاٿي ولو کاٿي مان ماس ڪام پاس ڪندڙ شاگد خير سال پورو ڪم ڪيو ڪافي تجربو سچ ۾ ٿي ويو ڪي اهڙيون شيون ضرور هيون جيڪي مون ماس ڪام مان نه سکيون سال بعد جنهن به اداري  سي وي  موڪيان جاب آڊر ليٽر سيڌو گهر اچي وڃي هاڻي ته بس مان به تجربي ڪار رپورٽر ٿي ويو آهيان 
حاجي ولو جا سڀ کانچا مون وٽ آهن ، مان به پنهنجي پريس ڪلب حاجي ولو جي ضد ۾ الڳ پريس ڪلب کولي آهي .. 



Media students and the future
Rajesh kumar oad
2k14/MC/78
Many students want to join such a field or profession that should be standard one and make more respect with money in future, like some students have desire to became doctor, some want to became engineer while some want to became pilot. definitely, to complete the desires they have to study, work hard and have to do practical things related to the course for the success.no doubt, if they do so they will get success.
But what it is considered as same thing happen in media or for the students who study media or mass communication. I think there is not same thing like doctor, engineer because they have only one choice in their field they have to go in that limited boundary and will be called as “Doctor” or “Engineer”. While, media has been become industry in which the vast field are available like acting, hosting, reporting, filmmaking etc.
Thus mostly used academic discipline in nowadays mass communication encompasses different career opportunities in print media (newspapers, magazines and journals), electronic media(TV/Radio) and in advertising agencies etc.
But due to vastness of the field students are often confused in selection of the field where we have to go.in country like Pakistan, especially for the rural areas students there is always dilemma of career counseling due to that they select or goes in the field which is not related to them. if anyone want to go in science field unluckily they would be given another field. resultantly, some survive by hardworking and due to the teacher’s guidance while some students have to suffer for whole life because of not understanding that field.
Me being a student of media studies also face this situation in startlingly because when I entered, it was totally new for me even being a rural student I did not hear about this discipline from someone’s mouth, hence in starting when I joined the classes I feels unrelated and it gives difficulties because of my medical background but after one year due to regular attending classes and because of teachers guidance especially under the guidance of our senior teacher and journalist sir sohailsangi I got many things for learning.
No doubt, however mostly students comes in this field choicely especially urban students because of increasing respect of this field day by day especially from the journalistic point of view as it is not easy to raise or take the problems of others on own head and get solutions for those problems. this is why media is considered as the fourth pillar of the state.
But sometime for the others, media persons have to sacrifice by giving the life which makes troubling situation for the family behind that person.
As media aim to disseminate information to the public from local to the international level that from poor to businessmen. But to disseminate that information through proper channels it requires hardworking, energetic and skilled people which have good writing skills, creative mind set. And I think mainly students of media studies or mass communication are well recognized from the things which are related to this field. And they can make their field more professional by showing their efficiency and good communication skills as someone said “Good communication is as stimulating as black coffee and just as hard to sleep after”.