Wednesday, 10 May 2017

ڪراچي جو اڀياسي دورو.

ڪراچي جو اڀياسي دورو.
ممتاز جمالي
2k14/mc/159


منهنجي داخلا جيئن ئي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيش اسٽيڊيز شعبي ۾ ٿي ته مائٽن سان گڏ دوست به ٽوڪڻ لڳا ته هاڻي ڇا تون اخبارون کپائيندي ...!!!
 مون چيو  نه صحافي ٿيندس
هنن ورڻائي چيو صحافي ته 10 درجه پاس به آهن پوءِ تنهنجي يونيورسٽي پڙهڻ جو ڪهڙو فائدو...!!!!


ڳالهه هنن جي به وزني هئي ، ۽ پنهنجي جاءِ تي مان به صحيح هئس پر هنن کي سمجهائيڻ لاءِ ان وقت مون وٽ نه ئي ڪي مثال هئا نه ئي ڪي تشريع، مونکي هڪ سٺو صحافي ٿيڻ جو جنون هيو، بس جنون جي اڳيان مان به پنهنجا ڳوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ نه چاهيندي به قست جهڙي ڪوڙي عمل تي يقين ڪيو.
 هڪ سال سڄو ائين ئي ڪلاس وٺندي گذريو ڪا خبر ئي نه پئي، ڪمپلسري کان مائنر وري ميجر ڪلاسيز تائين جو سفر سال ڳڙڪائي ويو، ٻئين سال ۾ مون عملي صحافت جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن مون 3 مهينا عملي صحافت کي ڏنا ته واقعي مونکي منهنجو شعبو فضول لڳو. ڇو جو جيڪا صحافت اتي ڪبي هئي اها اسان جي شعبي ۾ نه پيا سيکارن يا جيڪي ٽيڪنيڪل ڪم اتي ٿين پيا اهي بنيادي تور اسان جي شعبي ۾ نه پيا ٿين.


پر جڏهن کان سائين بدر اسان جي شعبي جون واڳون سنڀاليون تنهن ڏينهن کان مونکي فيلڊ ۾ گهٽ مزو ۽ پنهنجي شعبي ۾ گهڻو اچڻ لڳو.
اسٽوڊيو ۾ رونق ، روز نوان سيمينار ڪرائڻ سميت ٻيو گهڻو ڪجهه سائين پنهنجي ڪاوشن تحت ڪندو رهيو، نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو ته سائين اعلان ڪيو ته هاڻي اوهان جو اڀياسي دورو ٿا ڪرايو سنڌ اسيمبلي جو.
يقينن خوشي منجهان پير زمين کان 4 فوٽ مٿي هلي ويا ۽ چرين جيان تپي مٿان ٽپو ڏيڻ  لڳس، ڇو جو اسان سنڌ اسيمببلي صرف ٽي وي تي ڏٺي ، اخبارن ۾ پڙهي ۽ ريڊئي تي ٻڌي.


مادري علمي درسگاهه سنڌ جي شعبي ابلاغ عامه پاران جي آخري سال جي شاگردن جو اڀياسي دورو ڪرايو ويو، سومر واري ڏهاڙي تي منعقد ڪرايل اڀياسي دوري ۾ مجموعي تور تي 111 شاگردن حصو ورتو جنهن ۾ ايم اي فائنل ۽ بي ايس جا شاگرد شامل هئا. جنهن ۾ مان به هئيس، يقينن مون وانگي هر شاگرد پنهنجي وس آهر سنبري تيار ٿي آيو ته جيئن هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻا ۽ سٺا لڳون. اسان ٻين بسن جي ذريعي هتان نڪتاسين هڪڙي ۾ ايم اي فائينل جا شاگرد هڪڙي ۾ اسان بي ايس جا شاگرد..


سڄي واٽ موج مستي ۾ گذريو ۽ خوشي ۾ خبر ئي نه پئي ته اسان ڪراچي جي آڳور تي پهچي وياسين، سنڌ اسيمبلي طرف ٿورو پيادل هلڻو پيو ڇو جو اتي بس بهارڻ جي جاءِ نه هئي. يقين نه هيو ته هيڏي سيڪيورٽي خدشن با وجود اسان کي اندر ايتري آساني سان ڇڏيندا هنن صرف اسان کان ڪارڊ ورتا ۽ ڏٺآ ۽ مسڪرائيندي اسان کي پنهنجن وانگر آڌر ڀاءُ ڪيو.
سنڌ اسيمبلي جتي 164 جي لڳ ڀڳ سموري سنڌ مان چونڊيل نمائيندا اچي پنهنجي تڪ جي مسئلن تي ڳالهائيندا آهن، يقينن اها اسيمبلي جيتري اسڪرين ۾ خوبصورت لڳندي هئي اها روبرو به اکين جي ٺار بڻيل هئي. روايتي چيڪينگ بعد اسان کي وڃي گيسٽ گيلري ۾ وهاريو ويو جتي اسان سنڌ اسيمبلي جو پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاروائي روبرو پنهنجي اکين آڏو هلندي ڏٺي. اهو ئي نه اتي صحافين سان به ملاقات ٿي جيڪي اتي ويهي رپورٽينگ ڪن پيا.
سنڌ اسيمبلي ۾ نه فقت اسان کي صحافتي حوالي سان سکڻ ڪاءِ ڪجهه مليو پر ڏسڻ وٽان به گهڻو ڪجهه مليو..


سنڌ اسيمبلي بعد اسان کي پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي جو رخ ڪرايو ويو جتي روزاني عوامي آواز جي ايڊيٽر ۽ پاڪستان آرت ڪائونسل ڪراچي جي گورنينگ باڊي جي ميمبر آيوب شيخ تمام ذبردست آجياڻو ڏنو ۽ اسان جي مان ۾ تقريب پڻ ڪوٺائي. ۽ اسان جي لاءِ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
ڪراچي آرٽ ڪائونس ۾ مخلتف تقريرون ٻڌڻ وٽان مليون جنهن ۾ آرٽ ڪائونسل ڪراچي جي سربراهه محمد احمد شاهه پڻ شعبي جي شاگردن جي ساراهه ڪئي.
آرٽ ڪائونسل بعد ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن رخ ڪيو، اگر ڏسجي ته ڪراچي هاڻي اها ڪراچي نه رهي جيڪا ڪجهه سال هريان هئي جيتي ماڻهو خوف منجها ساهه کڻندو هو.


ڪراچي پريس ڪلب ۾ به اسان جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جتي سينيئر اينڪر پرسن مظهر خان سميت پريس ڪلب جي صدر جنرل سيڪٽري سميت ٻين اسان کي آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ صحافت جي حوالي سان گهڻو ڪجهه سمجهايو پڻ آهي.
شاگردن جي پراسرار خواهش تي سنڌ ٽي وي جو اچانڪ دورو پڻ ڪرايو ويو. مون لاءِ سنڌ ٽي وي جي آفيس جو دورو ان لاءِ به خوشي جوڳو هو جو منهنجا پرين پيارا دوست ڪم ڪن پيا جنهن سان ملڻ لاءِ پڻ دل بيتاب هئي، اتي وڃي ڪري اسان سنڌ ٽي وي جي آفيس جو جائزو ورتو ۽ دورو ڪيو جتي اسان اسٽوڊيو، ايڊيٽينگ سيڪشن، سميت ٻيو به گهڻو ڪجهه پهريون ڀيرو ڏٺو.
هن اڀياسي دوري ۾ نه فقت اسان لطف اندوز ٿياسين پر  سيکڻ پڻ ڏاڍڳ ڪجهه مليو.