Sunday, 9 April 2017

سنڌ اسيمبلي جو پهريون سفر

سنڌ اسيمبلي جو پهريون سفر

ممتاز جمالي
2k14/mc/159

ننڍپڻ کان اها خواهش هئي ته سنڌ اسيمبلي ۾ وڃي اتي عوام جا مسئلا حل ڪيان، وڏيون وڏيون تقريرون ڪيان وغيره وغيره،  پر جئين جئين سمجهه ۾ اضافو ٿيندو ويو ته خواهشن جو به سمجهه اچي ويو ته ڪهڙيون خواهشون پوريون ٿي سگهن ٿيون ڪهڙيون نه، پر ها اها خواهش اڃان به آهي پر کين پوري ٿيڻ ڏور ڏور تائين ڏسڻ ۾ نٿي اچي، پر چوندا آهن نه ته حج نه پر عمره ته ماڻهو ڪري اچي نه ائين منهنجي  شعبي پاران ڪراچي جو اڀياسي دورو ڪرايو ويو.
15 مارچ 2017 تي ڪرايل اڀياسي دوري جي پهرين منزيل هئي سنڌ اسيمبلي جتي اسان کي وڃڻو هو، يونيورسٽي واري زندگي ۽  موج مستي نه هجي اهو به ممڪن نه ناهي، سنڌ ورسٽي جي نيري پوائنٽ مون سان گڏ منهنجي ڪلاس جا  صفا ويجها دوست راجيش، ذولفقار، نجيب به ساڻ هئا.
 پر ان سان گڏو گڏ اسان جو رهبر استاد سهيل سانگي پڻ اتي موجود هو جيڪو هڪ خوش مزاج طبيت جو سرواڻ آهي.
کيل ڀوڳ مزاڪ مستي ناچ گانه ۾ سفر انتهائي پر سڪون وارو گذريو، پر ڪراچي ڄامشوري روڊ جي مرمتي ڪم جي حساب سان ڪافي وچ وچ ۾ ڏکياون پڻ درپيش آيون پر چوندا آهن  نه ته ” شوق دا ڪو ملهه نئي“  ائين اسان کي به سنڌ اسيمبلي ڏسڻي هئي سو اهي ڏکيائون نظر ۾ ئي ڪون آيون.
منجهد ڌاري 1لڳي ڪجهه منٽن تي اتي وڃي رسياسين. ڪراچي جو پر سڪون ماحول، ٿڌڙيون هوائون ۽ جهڙالي موسم 
جوڀن پيو پڄرائي.


نيٺ وڃي سنڌ اسيمبلي ڏانهنن روانه ٿياسين، گيٽ تي سيڪيورٽي سخت هئي سو اسان وٽ داخلا پاس پڻ هئا، قطار ۾ بيهي ڪري واري واري هڪ هڪ جي چيڪينگ ٿيندي رهي ۽ اندر ويندا رهياسين، ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن اتان جي عملدارن اسان ڱي پيار سان آڌر ڀائو ڪيو ۽ غزت بخشي.
چيڪينگ بعد وڃي اندر داخل عياسين پر سيڪيورٽي خدشن هجڻ جي ڪري اسان ڪيمرا وارن کي روڪيو ويو جنهن ۾ اسين 6 کان مٿي شاگرد هئا سين، جڏهن ته ڪيمرائون انهن پاڻ وٽ جمع ڪرائي اسان کي اندر موڪليو.
بيلڊينگ جو نقشو اهڙو ته ٺهيل هو ته اسان اسيمبلي حال جي پريس گيلري ۾ نه پيا وڃو سگهو ائين محسوس ٿي رهو هو جيئن ڪو ڳوٺاڻون ڪراچي جي رولاڪ گهٽين ۾ گم ٿي ويو هجي.
نيٺ ڪنهن جي رهنمائي سان اتي وڃي پريس گيلري ۾ ويٺا هئاسين. پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسيمبلي جي ڪاروائي روبرو ڏٺي. خوشي ماپي نه پئي ته، ڪافي سيلفيون به ڪڍرايون.
اسيمبلي جي ڪاروائي ڪافي مزيدار هئي، چونڊيل نمائيندا تڪ جي مسئلن بجاءِ پاڻ ۾ وتايو فقير پروگرام لڳائي ويٺا هئا، اهو لڪا ڏسي افسوس به ٿيو ته اهي ئي حڪمران جيڪي اسان جي ڳوٺن ۾ اچي وڏا واعده ته ڪن ٿا پر هتي اچي رنگ پنهنجو تبديل ڪري ڇڏن ٿا.
ڪاروائي جي ختم ٿيڻ بعد ٻاهر آياسين ته شاگردن ڏاڪڙ تي ايتري رش لڳائي ويٺا هئا ڄڻ سنڌ پوليس ڪو وڇو ڏوهاري پڪتو هجي ، هر طرف تصويرن جا ٽڙڪا لڳا پيا هئا.

ٻاهر نڪري اسان وري ٻي منزل ڏانهن روانهه ٿياسين پر سنڌ اسيمبلي اسان لاءِ تمام اڀياسي رهي، هتي وڃي ڪري اسان نه فقت رپورٽينگ سکي پر پنهنجي حڪمرانن جا حوال به ٻڌا.

No comments:

Post a Comment